ديوان آزاد

ديوان آزاد

ديوان آزاد

ديوان آزاد (ڪتاب): ديوان ’آزاد‘، ٽالپر حڪمرانن جي مالي وزير منشي صاحب راءِ ’آزاد‘ جي فارسي غزلن جو مجموعو آهي. منشي صاحب راءِ آزاد ولد موهنداس ملڪاڻي، مير ڪرم علي خان ٽالپر ۽ مير مراد علي خان ٽالپر جي دور ۾ حڪومت جو مالي وزير هو ۽ سندس پٽ منشي آوتراءِ ملڪاڻي مير صوبدار خان ٽالپر جو مالي وزير هو. ’زبدة المعارصرين‘ ۾ مير حسين الحسيني شيرازي لکي ٿو ته، ”منشي صاحب راءِ 65 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. سخنوري ۾ هن جو ڪو به نظير نه آهي.“
منشي صاحب راءِ ’آزاد‘ جو مڪمل ديوان زماني جي حادثن سبب ضايع ٿي ويو، جنهن جو اڄ تائين ڪو به پتو نه پيو آهي. پر مرزا خسرو بيگ جي ناياب تاليف ’محڪ خسرويءَ‘ ۾ منشي صاحبراءِ آزاد جا 43 غزل موجود آهن، جن کي پير حسام الدين راشديءَ ترتيب ڏئي شاعر جي احوال سميت ’مهراڻ‘ رسالي (1955ع) ۾ شايع ڪرايو هو.
اهو ساڳيو ديوان احوال سميت ’ڳالهيون ڳوٺن وڻن جون‘ ۾ به ٻيهر 1981ع ۾ شايع ٿيو آهي.


لفظ ديوان آزادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو